2011, SindhSujag Publication - . All rights reserved.

Stats
Sites Counter
Powered By: PMedia
کربين رپيا خرچ ڪري به سنڌ جي ماڻهن کي زهر پياريو پيو وڃي، ادارا به چاهين ٿا ته ماڻهو مرندا رهن: سپريم ڪورٽ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سنڌ ۾ لڪير جي فقير وانگر ڪم هلي رهيو آهي، صوبائي حڪومت ۽ ادارا چاهين ٿا ته ماڻهو مرندا رهن.  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ منڇر ڍنڍ آلودگي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ آبپاشي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.  عدالت آبپاشي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪم نه ٿيو ته توهان کي به جيل ۾ وجهنداسين، آبپاشي سيڪريتري ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ کي صاف ڪيو پيو وڃي، جلد اڳڀرائي سامهون اچي ويندي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته کربين رپيه خرچ ڪري به سنڌ جي ماڻهن کي زهر پياريو پيو وڃي، سنڌ سرڪار جا ادارا چاهين ٿا ته ماڻهو ائين ئي مرندا رهن،  جيڪڏهن حساب گهرنداسين ته هڪ رپيه به خرچ نه ٿيو هوندو، 20 سالن کان منصوبا هلي رهيا آهن پر صاف پاڻي جو ڦڙو به نه ملي رهيو آهي، نتيجا نه مليا ته ذميوارن کي جيل ۾ وجهنداسين. جج وڌيڪ چيو ته ترقي ڪندڙن سمورو سمنڊ صاف ڪري ڇڏيو، توهان کان ڪجهه نه ٿي رهيو آهي، آلودگي سبب مڇيون مري رهيون آهن، ڪجهه عرصي بعد پولٽري جي صنعت به ختم ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو رڍن وانگر گهمي رهيا آهن، سندن پرواهه ڪير ڪندو، 20 سالن جو حساب ڏيڻو پوندو، ڪيترو پئسو خرچ ڪيو، 8 سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته 2010 جي ٻوڏ جو پاڻي محفوظ هجي ها ته 10 سال استعمال ڪريون ها،  جيڪڏهن برسات ٿي وڃي ته پاڻي ڪٿي محفوظ ڪنداسين، اهڙي نموني دنيا به اسان تي رحم نه ڪندي. عدالت چيو ته سنڌ ۾ لڪير جي فقير وانگر ڪم هلي رهيو آهي، ڇا سنڌ سرڪار هڪ وڻ به لڳايو آهي، گٽر، روڊ ۽ نالا صاف ڪرائڻ ڇا عدالتن جو ڪم آهي.
ڊي جي انٽيليجنس سميت اهم وفاقي سيڪريٽريز بدلي، نگران وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميش ۽ نگران وزير اعظم ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو سميت اهم وفاقي سيڪريٽرين جي بدلين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب طاهر رضا نقوي پارليماني معاملن وارو سيڪريٽري، بلوچستان جي اڳوڻي سيڪريٽري اورنگزيب حق کي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ رضوان ميمڻ کي توانائي وارو سيڪريٽري بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گهرو سيڪريٽري ارشد مرزا کي احمد نواز سکيرا جي جاءِ تي سڌُ سماءَ وارو سيڪريٽري جڏهن ته توانائي واري سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر کي گهرو سيڪريٽري بڻايو ويندو. حڪومت ايف بي آر جي چيئرمين طارق باجوه کي تبديل ڪري شماريات وارو سيڪريٽري رخسانه ياسمين کي ايف بي آر جي چيئرپرسن بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ڊي جي پاسپورٽ عشرت علي کي تبديل ڪري چيئرمين سي ڊي اي مقرر ڪيو ويندو. ان کان سواءِ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ معروف افضل کي سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو ڊاڪٽر سليمان کي به تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئيڇڏي آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي  نيڪٽا جي سربراهه احسان غني کي نئون ڊي جي آءِ بڻائڻ جا امڪان آهن.
عام چونڊن ۾ پاڪ فوج  کي مقرر ڪرڻ جي منظوري، سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي وئي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پاڪ فوج  کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.  عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.  اليڪشن ڪميشن جي سمري ۾ چيو ويو آهي ته ساڍن ٽن لک فوجي اهلڪارن جي ضرورت آهي ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل بچاءَ واري وزارت کي موڪليا وياآهن. بچاءَ واري وزارت اڍائي لک فوجي ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ آخري منظوري کانپوءِ فوجي جوانن جي مقرري جو فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪ فوج ڪنٽرول سنڀاليندي ۽ پرنٽنگ پريس جي نگراني به پاڪ فوج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.